خيبر ايجنسي

خيبر ايجنسي

خيبر ايجنسي

خيبر ايجنسي: وفاقي حڪومت جي نگرانيءَ ۾ ستن قبائلي ايجنسين مان خيبر ايجنسي به هڪ آهي، جنهن جي اوڀر ۾ مهمند ايجنسي ۽ ڪوهه سفيد جو پهاڙي سلسلو آهي. هن جي اوڀر طرف ضلعو پشاور آهي. اتر اولهندي طرف افغانستان، ڏکڻ ۾ اورڪزئي ايجنسي ۽ ڪرم ايجنسي آهي. خيبر ايجنسي جي جملي پکيڙ 2576 هم چورس ڪلوميٽر آهي. هتي جي آبادي لڳ ڀڳ ٽي لک ٿيندي. هتان ٽي وڏا درياهه، درياه باڙه، درياه ڇورا ۽ درياه خيبر وهن ٿا، جيڪي پشاور ۾ داخل ٿيندا آهن. ايجنسيءَ جو گهڻو علائقو خشڪيءَ وارو آهي. هتي جبلن جا سلسلا موجود آهن، ان کان سواءِ ڪجهه خوبصورت واديون به آهن، جتي پوک به ٿئي. هتي ميدان، باڙو، راجگل ۽ بازار جهڙا اهم هنڌ آهن. خيبر ايجنسيءَ کي خيبر لڪ جي ڪري شهرت حاصل آهي، جيڪا واٽ ٻاهرين حملي آورن جو لنگهه رهي آهي. پشاور ۾ سکن جي دور ۾ خيبر ايجنسي ۾ رهندڙ قبيلا آزاد هئا، ڇو ته کين خيبر لڪ کي واپار کولڻ عيوض ڪابل جي امير طرفان امدادي رقم ملندي هئي. خيبر ايجنسيءَ جي سڀ کان وڏي قبيلي آفريديءَ جو رابطو انگريزن سان 1839ع ۾ شروع ٿيو. انگريزن پشاور واديءَ تي قبضي ڄمائڻ کان پوءِ 1854ع ۾ آفريدين سان زور آزمائي شروع ڪئي. ان کان پوءِ 1879ع تائين هنن آفريدي قبيلي جي مختلف شاخن سان سازباز ڪري ساڻن ڪيترا معاهدا ڪيا. 1879ع ۾ خيبر ايجنسيءَ کي هڪ انتظامي يونٽ جو درجو ڏئي اتي پوليٽيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو. 1881ع ۾ پشاور ۾ انگريزن ۽ آفريدين درميان خيبر لڪ کي تجارت لاءِ کولڻ بابت معاهدو ٿيو، ان ريت آفريدي قبيلي جي آزادي ۽ خودمختياريءَ کي تسليم ڪندي انگريزن ساليانو چار لک 45 هزار 700 رپين جي امدادي رقم ادا ڪرڻ جو عهد ڪيو. آفريدين طرفان کين اها رعايت ڏني وئي ته خيبر لڪ جي حفاظت لاءِ انگريز هٿياربند حفاظتي گارڊ مقرر ڪيا ويندا، جيڪي پوءِ ’خيبر رائفلز‘ جي نالي سان مشهور ٿيا. 1897ع ۾ جڏهن ٽوچي ۽ مالاڪنڊ ۾ انگريزن خلاف بغاوت ٿي ته آفريدين به ان ۾ حصو ورتو، نتيجي طور انگريزن علي مسجد ۽ لنڊي ڪوٽل سان گڏ خيبر لڪ تي به پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي. 1898ع ۾ خيبر ايجنسيءَ جي سمورن قبيلن جي گڏيل جرڳي ۾ انگريزن سان معاهدو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ انگريزن سندن سالياني امداد بحال ڪري ڇڏي، پر خيبر لڪ تي انگريزن جي قبضي کي تسليم ڪيو. 1902ع ۾ پوليٽيڪل آفيسر جو درجو وڌائي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪيو ويو.
خيبر ايجنسيءَ ۾ چار قبيلا آهن: آفريدي، شنواري، ملاگوري ۽ شلماني. هن ايجنسيءَ جو انتظامي سربراهه پوليٽيڪل ايجنٽ هوندو آهي. موجوده پوليٽيڪل ايجنٽ شيرزاده خان آهي. پوليٽيڪل ايجنٽ علائقي جا ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ۽ سيشن جج جا فرض به سر انجام ڏئي ٿو. خيبر ايجنسيءَ ۾ هيٺيون سب ڊويزنون آهن، (1) لنڊي ڪوتل، (2) جمرود ۽ (3)باڙه. پوليٽيڪل ايجنٽ جو صدر دفتر پشاور ۾ آهي ۽ ڪيمپ آفيس لنڊي ڪوتل ۾ آهي.


لفظ خيبر ايجنسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو